اربعين جي زيارت امام حسين عليه السلام سان وفاداري ۽ تعلق جي تجديد لاءِ هڪ مقدس الٰهي منصوبو آهي 11/8/2024 |
مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله
العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مدير
حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) مرڪزي
دفتر نجف اشرف ۾ زيارت اربعين لاءِ آيل
مختلف ملڪن جي زائرن کي خوش آمديد چيو ۽ خطاب ڪندي فرمايو ته: • اربعين جي زيارت امام حسين عليه السلام
سان وفاداري ۽ تعلق جي تجديد لاءِ هڪ مقدس الٰهي منصوبو آهي. • امير المومنين علي (عليه السلام) متقين جا امام آهن اھل ايمان
کي اھل تقوى ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ هر ڪوشش ڪرڻ
گهرجي. • آئمه اهل بيت (عليهم السلام) جي روضن تي
حاضر ٿيڻ واري مومن کي گهرجي ته هو ان زيارت ذريعي پنهنجي اخلاق کي بهتر بڻائڻ،
معاشري ۾ هڪ مثبت رول ماڊل بڻجڻ، ۽ پنهنجي خاندان ۽ معاشري سان تعلقات ۾ مثبت
اثرات پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. • اربعين جي زيارت زائرن جي زندگي ۾ مثبت
تبديلي آڻڻ جو هڪ بهترين موقعو آهي، ڇو ته اها صرف هڪ مذهبي رسم نه آهي بلڪ خدا سان
عهد جي تجديد، اسلام جي تعليمات ۽ اهل بيت (عليهم السلام) جي اخلاق سان وابستگيءَ
تي زور ڏيڻ جو موقعو آهي. • اربعين جي زيارت خيالن ۽ ماڻهن جي اجتماع
جو مرڪز آهي جتي هدف هڪ هوندو آهي قومي ۽
سياسي اختلاف ۽ وابستگي ختم ٿي ويندي آهي، جيئن سڀني جي وابستگي صرف امام حسين
(عليه السلام) سان رهي.
• اربعين جي زيارت هڪ مقدس، الٰهي منصوبو آهي جنهن جي غرض حسيني مقصد کي مومنن جي روح ۾ زنده رکڻ ۽ اهل بيت (عليهم السلام) سان غم ۽ سچي وفاداري جي تجديد ڪرڻ آهي. اهو منصوبو ھر سال طاقت ۽ شرڪت ۾ واڌ ڪري رهيو آهي، ڇو ته اهو روحاني طاقت، تجديد وفاداري، ۽ حقيقي تعلق جو ذريعو بڻجي ٿو. |