حضرت امير المؤمنين عليہ السلام جي ولايت هڪ وڏي نعمت آهي عراق کي دهشتگرد تنظيمون کان آزاد ڪرائڻ جو وڏو سبب شهيدن جون قربانيون هيون، ۽ انهن جي پاڪ خون کانسواءِ فتح ممڪن نه هئي 13/11/2024 |
مرجع
مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله
الوارف) نجف اشرف جي مرڪزي دفتر ۾ حشد شعبي جي هڪ وفد جو خيرمقدم ڪيو ۽ خطاب ڪندي
فرمايو: - حشد
الشعبي ۾ شامل مجاهدن جو اهم ڪردار آهي، جيڪي اسلامي امت ۽ حقيقي اسلامي دين محمدي
۽ عراق جي دفاع ، ۽ مقدس زيارتن جي حفاظت ۾ پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار جي واکاڻ ڪئي. - حشد
شعبي، انهن عظيم اقدار جي حفاظت لاءِ شهيدن ۽ زخمين جي صورت ۾ بهادرن جي فوج قربان
ڪئي. - شهيدن،
زخمين ۽ انهن خاندانن جي سار سنڀال ۽ سندن مادي ۽ اخلاقي ضرورتن جي پورائيءَ تي پڻ
زور ڏنو. - اهل
بيت عليهم السلام اسان کي نصيحت ڪئي آهي ته، اسان پنهنجون غلطيون سڌارڻ جي ڪوشش
ڪريون ۽ سڌاري لاءِ پاڻ کي جوابده بڻايون، سٺن ڪمن کي فروغ ڏيون ۽ هميشه بهترين جي
تلاش ۾ رهون.
- حضرت امير المؤمنين عليہ السلام جي ولايت ۽ محبت تي پنهنجي اولاد جي پرورش ۾ سندن ڪردار کي مڃڻ ۾ والدين، خصوصاً ماءُ سان ڀلائي ڪريو. اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته حضرت امير المؤمنين عليہ السلام جي ولايت هڪ عظيم نعمت آهي. |