مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت اللہ العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) نجف اشرف جو عزيز لبنان ۾ جنگ بنديء جي اعلان تي جاري ٿيل بيان جو ترجمو

مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت اللہ العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) نجف اشرف جو عزيز لبنان ۾ جنگ بنديء جي اعلان تي جاري ٿيل بيان جو ترجمو

27/11/2024




شمارہ نمبر 933 تاریخ 24 جمادی الاول 1446 ھجری بمطابق 27/11/2024 عيسوي

 

بسم الله الرحمن الرحيم

الحمد لله على ما أبلى، وله الشكر على ما ألهم، والصلاة والسلام على المبعوث رحمة للعالمين، محمد بن عبد الله وعلى آله الغر الميامين، واللعنة الدائمة على أعدائهم أجمعين.

قال (عزّ وجــلّ): (إِنَّما يُوَفَّى الصَّـــابِرُونَ أَجْرَهُمْ بِغَيْرِ حِسَابٍ)

 

“يقيناً صبر ڪندڙن کي بنا حساب انعام ڏنو ويندو.”

صدق الله العلی العظیم۔

اسان لاءِ وڏيء خوشيء ۽ فخر جوڳو پل هيو جڏهن اسان لبنان ۾ جنگ بنديء جي خبر ٻڌي، جيڪا صهيوني دشمن سان فلسطيني عوام جي حمايت لاءِ ڊگهي عرصي تائين جاري رهندڙ جنگ کان پوءِ آئي.

ان دوران، اسان جي عزيز مجاهدن قربانيء، عزت ۽ شجاعت جو روشن داستان قائم ڪيو،

۽ سڄي دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهي ڪربلا جي درسگاھ جا فرزند ۽ حيدر ڪرار (عليه السلام) جا وارث آهن.

ان سان گڏوگڏ، پناہ گزين خاندانن جو صبر، جبلن وانگر  اهڙو ته مضبوط هيو جو بي گهر ھجڻ جي باوجود به ھنن سدائين ثابت قدميء جو مظاھرو پئي ڪيو.

آخرڪار، هن جنگ جي پڄاڻي هڪ عظيم فتح سان ٿي، جنهن جي ذريعي الله  تعالى  مومنن کي عزت ڏني، جيئن خداوند عزوجل پنهنجي مقدس ڪتاب ۾ فرمايو آهي ته:

(وَكانَ حَقًّا عَلَيْنَا نَصْرُ الْمُؤْمِنِينَ، ۽ اهو اسان تي حق آھي ته اسان ايمان وارن جي مدد ڪریون).

اسان امام صاحب العصر والزمان (عليه السلام) ۽ لبنان جي عزيز عوام کي مجاهدن ۽ مومنن جي شهادت تي تعزيت پيش ڪريون ٿا، جن ۾ سڀ کان پهريائين عظيم قائد حجة الاسلام والمسلمين سيد ح س ن ن ص ر الله ۽ ان جي عزيز ڀاءُ علامہ سيد هاشم صفي الدين (رضوان الله عليهما) جي شهادت تي تعزيت پيشڪ ڪريون ٿا۔

اسان خداوند عالم کان دعا ڳو آهيون ته شهيدن جي وارث حجة الاسلام والمسلمين علامه شيخ نعيم قاسم (ايده الله) کي ثابت قدم ۽ حڪمت سان قائدن جي مشن کي مڪمل ڪرڻ جي توفيق عطا ڏي، ۽ زخمين کي جلدي صحتيابي عطا فرمائي، ۽ پنهنجي ڪرم سان اسان جي عزيزن لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪري جيڪي انهن کي پنهنجي گهرن ڏانھن امن ۽ سڪون سان واپس ورڻ جو موقعو فراهم ڪن۔

اسان لبنان جي پارليامينٽ جي صدر، جناب نبيه بري صاحب جي ڪردار کي عزت ۽ احترام سان ڏسون ٿا ۽ قدر دان آهيون، جيئن انهن پنهنجي حڪمت عمليء ۽ طرز عمل ۾ مزاحمت ۽ سياست کي بهترين طريقي سان گڏايو۔

آخر ۾، اسان عزيز عراقي عوام جي ان معزز موقف جي قدرداني ۽ انهن جو شڪريو ادا ڪريون ٿا، بلڪ هر ان شخص جو شڪريو ادا ڪريون ٿا جنهن اسان جي عزيزن جو ساٿ ڏنو، خاص طور تي اسلامي جمهوري ايران جو، جيڪي آزمائش جي وقت ۾ لبنان جي عوام سان گڏ بيٺا رهيا۔

اسان خداوند عالم کان دعا ڳو آهيون ته امام صاحب الزمان (عليه السلام) جي برڪت سان عوام ۽ ملڪ کي سلامتي ۽ تحفظ عطا فرمائي۔ والسلام