شهداء قائدين فتح وظفر جي ياد ۾ حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) جي نجف اشرف ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ شرڪت 8/1/2025 ![]() |
•
قائدين فتح جا حقيقي معمار هئا. • دهشتگرد قوتن جي خلاف ڪاميابي
حاصل ڪرڻ ۽ عراقي شهرن کي آزاد ڪرائڻ ۾ حشد شعبي جو ڪردار نمايان ۽ اهم هو. مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير
حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي فرزند، مرڪزي دفتر جي مدير ۽ انوار النجفيه فائونڊيشن
جي سربراهه حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) گذريل سالن جيان هن سال به نجف
اشرف ۾ الغري فائونڊيشن براءِ معارف اسلاميه جي اهتمام هيٺ شهداء قائدين فتح و ظفر
جي ياد ۾ “فتح ۽ عزت جا رهبر ۽ وقار” جي عنوان سان منعقد ٿيل سالياني تقريب ۾ شرڪت
ڪئي. حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) پنهنجي تقرير ۾ ان ڳالھ تي زور ڏنو
ته دهشتگرد قوتن جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ عراقي شهرن جي آزادي ۾ حشد شعبي جو ڪردار
تمام نمايان ۽ اهم هو. پاڻ ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ته فتح ۽ ظفر جا اڳواڻ حقيقي ڪاميابي جا
معمار هئا، ڇو ته انهن جنگ جي ميدان ۾ قيادت ۽ روحاني رهبري کي گڏ ڪيو ۽ اعليٰ
اخلاق ۽ مضبوط ايمان جي عظيم مثال قائم ڪئي. جدوجهد ۽ ميدان ۾ قربانيون حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) ذڪر ڪيو ته فتح ۽ ڪاميابي جا اڳواڻ
اهڙين خاصيتن جا مالڪ هئا جيڪي کين ايندڙ نسلن لاءِ هڪ بهترين نمونه عمل آهن . انهن خاصيتن ۾ شامل آهي: مسئلي ۽ مقصد تي پختو ايمان، حڪمت عمليءَ جي
تحت منصوبا بندي، محنت ۽ ڪوشش، ۽ جهادي ڪم ۾ اخلاص ۽ عزم، ته جيئن الله جو ڪلمو
هميشه سربلند رهي. حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) فتح ۽ ظفر جي قائدين جي عظيم
قربانين جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته انهن جي حڪمت ڀرئي قيادت ۽ جنگ جي ميدان ۾ سندن اڳواڻي،
سپاهين جي ڀلائي لاءِ ڪوششون، انهن جا حوصلا بلند ڪرڻ، ۽ مختلف محاذن سان هم آهنگي
۽ تعاون، ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا اهم سبب هئا. حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) ديني اصولن ۽ قومي قدرن جي
پيرويءَ جي اهميت تي زور ڏيندي فرمايو ته اتحاد ۽ قومي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ
انتهائي ضروري آهي، جيڪو هميشه فتح ۽ ڪاميابي جي قائدين جي ڪوششن جو بنيادي حصو
رهيو آهي. حجت الاسلا شيخ علي نجفي (دام عزّه) وڌيڪ چيو ته فتح ۽ڪاميابي جي اڳواڻن
جو تجربو امت لاءِ عظيم سبق فراهم ڪري ٿو، جن ۾ شامل آهن: اخلاص، الله سبحانه
وتعالى تي ڀروسو، مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ارادي جي طاقت، ڪاميابي حاصل ڪرڻ،
خون جي حفاظت ڪرڻ، ۽ اجتماعي عمل ۽ حڪمت ڀري قيادت جي چوڌاري يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ. حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزّه) پنهنجي ڳالهه ختم ڪندي چيو ته
فتح ۽ ڪاميابي جي اڳواڻن هڪ عظيم ورثو ڇڏيو آهي جيڪو قرباني ۽ ڪاميابيءَ جي قدرن
کي اپنائيندڙ نسل جي تعمير ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. پاڻ زور ڏنو ته امن ۽ استحڪام
کي برقرار رکڻ لاءِ ان ڪم جو تسلسل ضروري آهي.
پاڻ وڌيڪ چيو ته فتح ۽ ڪاميابي جا اڳواڻ صرف جنگي ميدان جا اڳواڻ نه هئا، پر ايمان وارا ۽ قرباني ڏيندڙ رهنما هئا، ۽ انهن مان بهادريءَ سان وڙهندڙ سپاهين اهو سبق سکيو ته فتح رڳو پختي ايمان ۽ اجتماعي عمل سان حاصل ڪري سگهجي ٿي. |