عراقي وزير داخله جو حضرت آيتُ الله العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين النجفي (دامَ ظِلُّهُ الوارف) خير مقدم ڪيو ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۽ موجوده مرحلي جي چئلينجن تي گفتگو ڪئي۔

عراقي وزير داخله جو حضرت آيتُ الله العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين النجفي (دامَ ظِلُّهُ الوارف) خير مقدم ڪيو ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۽ موجوده مرحلي جي چئلينجن تي گفتگو ڪئي۔

21/6/2025




مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيتُ الله العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين النجفي (دامَ ظِلُّهُ الوارف) نجف اشرف ۾ پنهنجي مرڪزي دفتر ۾ عراقي وزير داخله جناب عبد الامير الشمري ۽ سندن وفد جو استقبال ڪيو، جن عیدِ غديرِ الاَغَرَ جي مناسبت سان مرجعِ عالي قدر (دامَ ظِلُّهُ الوارف) کي مبارڪباد پيش ڪئي۔

مرجعِ عالي قدر (دامَ ظِلُّهُ الوارف) شھرين جي تحفظ، ۽ وطن کي هر قسم جي آلودگي ۽ برائي کان مڪمل خودمختياري ۽ سلامتيءَ تي زور ڏنو۔

ملاقات دوران عراق ۽ علائقي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جتي علائقائي حالتن جي عراق جي داخلي معاملن تي ٿيندڙ اثرن تي پڻ گفتگو ڪئي وئي، ۽ وطن توڙي شھرين جي تحفظ، داخلي استحڪام جي واڌاري، ۽ دهشتگردي جي خطرن کان سرحدن جي حفاظت لاءِ جاري قدمن جو به جائزو ورتو ويو۔