اسان کي گهرجي ته امام حسين عليه السلام جي نقشِ قدم تي هلندي، امت جي سڌاري، اصولن تي ثابت قدم، ۽ حق ۽ عدل جي قيام لاءِ هميشه تيار رهون 12/7/2025 |
مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيتُ الله العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين
النجفي (دامَ ظِلُّهُ الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مدير، حجة الاسلام الشيخ علي
النجفي (دامَ عِزُّه)، صوبه ديوانيه جي الشنافيه علائقي ۾ مرحوم سيد “عزيز أبو غنيمه”
جي مضيف ۾ منعقد ٿيل مرڪزي مجلسِ عزا ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جو اهتمام “هيئت الحمزه” ڪيو
هو۔ حجة الاسلام الشيخ علي النجفي (دامَ عِزُّه) جي اها شرڪت اُن سلسلي جي
ڪڙي آهي، جيڪا مؤمنين سان لڳاتار رابطو ۽ امام حسين عليه السلام جي شهادت جي مناسبت
سان منعقد ٿيندڙ مجلسن سان هم آهنگيءَ جو مظهر آهي۔ پاڻ مجلس جي حاضرين سان خطاب ڪندي اهلِ بيت عليهم السلام جي راهه سان
مضبوط وابستگيءَ جي اهميت تي زور ڏنو، ۽ امام حسين عليه السلام جي نقشِ قدم تي هلندي،
امت جي سڌاري ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جي پختي تلقين ڪئي۔
مجلس جي شرڪت ڪندڙن، حجة الاسلام الشيخ علي النجفي (دامَ عِزُّه) جي آمد تي سندن آجيان ڪئي ۽ شڪريو ادا ڪيو، ۽ مرجعيت دينيه جي انهيءَ ڪردار جي ساراهه ڪئي، جيڪو شعائرِ حسينيه جي تحفظ ۽ احيا، ۽ اسلامي قدرن جي سماج ۾ واڌاري لاءِ ادا ڪيو پيو وڃي۔ |