مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جا با اعتماد وڪيل عراق جي افواج، مجاهدين جي همراھ 5/7/2018 |
مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جهان تشيّع حضرت آية الله العظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين النجفي دام ظله الوارف جي معتمد حجة الاسلام سيد حسن ياسري صاحب ناصريه صوبي ۾ افواج عراق ۽ خصوصا حشد شعبيء جي ڪيمپن جو دؤرو ڪيو: حجة السلام سيد حسن ياسري صاحب ٻڌايو ته عراق ۽ مقامات مقدسه جي حفاظت خاطر مورچن تي موجود پنهنجون جانيون تريء تي رکڻندڙ اسان جي بهادرن ۽ ڏهيسرن جي برڪت سان اڄ سڄو عراق امن، امان ۽ پوري اطمينان سان پنهنجي زندگي بسر ڪري رهيو آهي. پاڻ افواج عراق ۽ حشد شعبيء جي جوانن جي قربانين کي بيان ڪندي فرمايو تہ: اسان جون هي خدمتون انهن جي قربانين جو مقابلو نٿيون ڪري سگهن. واضح رهي ته مرڪزي دفتر مرجع عالي قدر دام ظله الوارف طرفان ميدان جهاد ۾ جنگجو مجاهدن ۽ سندن ڪيمپن جو دؤرو لڳاتار جاري رھندو آهي، ته جيئن سندن معنوي ۽ مادي مدد جو سلسلو جاري ۽ ساري رهي |