پاڪستان جي صوبي سنڌ کان آيل هڪ وفد جي فرزند مرجعيت سان ملاقات 29/4/2024 |
پاڪستان جي صوبي سنڌ کان آيل مختلف مڪتب فڪر
سان تعلق رکندڙ عالمن، پروفيسرن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ ججن تي مشتمل هڪ وفد مرجع
عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي فرزند،
انوار نجفيه فائونڊيشن جي سربراهه ۽ مرڪزي دفتر جي مدير حجة الاسلام شيخ علي نجفي
(دام عزه) سان مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ملاقات ڪئي ان
ملاقات ۾ شيخ علي نجفي (دام عزہ) درپيش مسئلن تي روشني وڌي ۽ فرمايو ته اڄ اسلام
تي مغرب طرفان جيڪا يلغار ٿي رهي آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ علماء ڪرام کي اڳتي وڌڻو
پوندو ۽ اھڙيءَ طرح عالمن، پروفيسرن، ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرن جي به اها ذميواري آهي ته
هو ان حملي کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. وڌيڪ
فرمايائون ته حوزه علميه نجف اشرف ۽ خاص ڪري مرجع عالي قدر آيت الله العظمى حافظ
بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جو دفتر اسلام جي خلاف موجود شبھات کي دور ڪرڻ ۽
انهن جو هاڪاري جواب ڏيڻ جي لاءِ هن خدمت کي اعزاز سمجھندي حتى المقدور حاضر آھي فرزند مرجعيت (حفظہ الله) مهمان وفد جي خدمت
۾ مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جا سلام ۽ نصيحتون پهچايون.
ٻئي طرف آيل معززن سندس قيمتي وقت ڏيڻ تي دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو. |