ايران کان زائرين جي مختلف وفدن جي مرڪزي دفتر آمد 30/4/2024 ![]() |
اسان جو پنهنجي وقت جي امام سان تعلق دائمي
هجڻ کپي . اسان جي عورتن کي گهرجي ته هو حضرت فاطمه
زهرا سلام الله عليها جي سيرت، فضائل ۽ مناقب مان فائدو وٺن ۽ ان کي شايع به ڪن. مرجع مسلمين و جهان تشيع آيت الله العظمى حافظ
بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي فرزند، انوار نجفيه فائونڊيشن جي سربراهه ۽ مرڪزي
دفتر جي مدير حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزه) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي مختلف وفدن جو استقبال
ڪيو، جن ۾ مشهد مقدس مان شاندار ڪاميابيون
حاصل ڪندڙ شاگرد، قرآني يونيورسٽن جون شاگردياڻيون ۽ عام طور تي زائر به شامل هئا. حجت
الاسلام شيخ علي نجفي دام عزه پنهنجي خطاب
۾ فرمايو ته اسان جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان جو پنهنجي وقت جي امام سان رابطو
مستقل هجي ۽ اسان کي هميشه ان (عج) ۽ خدا جي رضا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي
بارگاه خداوندي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن جي وڌيڪ ترقيءَ لاءِ دعا ڪندي سندن
والدين ۽ استادن کي ساراهيو ڇو ته شاگردن جي ڪاميابي ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار
تمام اهم هوندو آهي . ان کان علاوه قرآني يونورسٽي جي شاگردياڻين
کي خطاب ڪندي فرمايو ته عورتن کي گهرجي ته هو حضرت فاطمه زهرا (سلام الله عليها)
جي سوانح حيات فضائل ۽ مناقب مان فائدو وٺن ۽ ان کي شايع به ڪن. وڌيڪ انهن فرمايو ته زيارت جي قبول ٿيڻ جي هڪ
اها علامت آهي ته زيارت کان پوءِ هر مومن ۾ مثبت تبديلي اچي.
ٻئي طرف آيل مهمانن مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف )جي صحت ۽ سلامي ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي حسن استقبال تي شڪريو ادا ڪيو. |