مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمیٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) دردناڪ واقعي کان بعد اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ۽ ان سان گڏ ساٿھين جي رحلت تي جاري ٿيل بيان جو ترجمو 20/5/2024 ![]() |
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ (الَّذِينَ إِذَا أَصَابَتْهُم
مُّصِيبَةٌ قَالُواْ إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ) اسلامي جمهوريه ايران ۾ اسان جا معززين، قيادت ۽
عوام... اسان گذريل رات کان ايراني صدر جناب رئيسي ۽ ان
جي ساٿين جي جهاز حادثي جي افسوسناڪ واقعي جي متابعت ڪئي جنهن سبب کيس ۽ سندس معزز
ساٿي هن ڏکوئيندڙ واقعي ۾ بارگاه خداوندي ۾ ڏانھن لاڏاڻو ڪري ويا. ان صورتحال ۾ اسين ولي الله الاعظم صاحب العصر
والزمان (عجل الله فرجه الشريف) اسلامي جمهوريه ايران جي قيادت، ايراني عوام، خاص ڪري
انهن جي سوگوار خاندانن، عزت مآب حجة الاسلام و المسلمين سيد ابراهيم رئيسي، (جن
کي خداوند متعال اھا توفيق عطا ڪئي جو هن پنهنجي زندگي علم جي حصول، امام رضا (ع)
جي خدمت ۽ پنھنجي دانشمندي واري قيادت سان ايراني عوام
جي خدمت ۾ گذاري ) ۽ جيڪي ساٿي سندن گڏ هئا ان جي وفات تي تعزيت ۽ تسليت پيش ڪريون ٿا. اسان خداوند متعال کان دعا گهرون ٿا تہ
جيڪو ڪجھ انھن پيش ڪيو ۽ جيڪو ڪجھ انھن متان گذريو اھو انهن لاءِ شفاعت جو سبب بڻجي
۽ جنھن ڏينھن ھو پنھنجي پالڻھار جي آڏو ان حالت ۾ پيش ٿيندو جو پالڻھار ان کان
راضي ھوندو اسان الله تبارڪ و تعالیٰ کان دعا گهرون ٿا تہ
پالڻھار ايراني عوام کي صبر ۽ استقامت عطا فرمائي تہ جيئن اهي الله تعاليٰ جي ڏنل
آزمائش ۽ امتحان جي ڪري اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿين. ۽ سندس رهبريءَ ۾ سفر جاري رکن. ان
شاءالله
وإنَّا لِلّهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعونَ ولا حول ولا قوة إلا بالله العلي العظيم |