عملن جي قبوليت جو دارومدار تقوى تي آهي

عملن جي قبوليت جو دارومدار تقوى تي آهي

31/5/2024




پاڪستان ۽ ھندستان کان آيل وفدن جي مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جي مرڪزي دفتر  نجف اشرف ۾ آمد

فرزند مرجعيت ،انوار نجفيہ فائونڊيشن جي سربراه ۽ مرڪزي دفتر جي مدير شيخ علي النجفي (حفظه الله) محترم زائرن جي خدمت ۾  تقوى جي اهميت تي روشني وڌي ۽ فرمايو تہ عملن جي قبوليت جو دارومدار تقوى تي آهي، جيئن الله تعالى فرمايو آهي (إنما يتقبل الله من المتقين) الله تعالى فقط متقين جا عمل قبول ڪندو آهي. ان ڪري جيڪو متقي نه آهي، ان جو عمل قبول نہ ٿو ٿئي.

تہ پوءِ پاڻ کي متقي بڻايو تہ جيئن اوهان جا عمل قبول ٿين.

 ٻئي طرف آيل وفدن به پنهنجو قيمتي وقت ڏيڻ تي مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جو دل جي گھراين سان شڪريو ادا ڪيو.