اهو ضروري آهي ته اسان جي موجوده ۽ ايندڙ نسلن کي پنهنجي مسلمه عقيدن سان ھر صورت ۾ متمسڪ رھي

اهو ضروري آهي ته اسان جي موجوده ۽ ايندڙ نسلن کي پنهنجي مسلمه عقيدن سان ھر صورت ۾ متمسڪ رھي

12/6/2024




مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي دام ظلہ (نجف اشرف) جي نمائندگي ۾ هندستان جي شهر لکنؤ ۾ خطيب اڪبر مولانا مرزا محمد اطهر (تاب ثراہ) جي ورسيءَ جي مجلس ۾ حجة الاسلام مولانا سيد ضامن جعفري (دام عزه)  جن شرڪت ڪئي ۽ حاضرين مجلس جي خدمت ۾ مرڪزي دفتر جو بيان پڙھيو.

 بيان پڙهندي سڀ کان پهريان مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جن جا سلام سندن دعائون ۽ محبتون مومنن جي خدمت ۾ پيش ڪيون ۽ موجوده ۽ ايندڙ نوجوان نسل کي خاص طور تي  پنهنجي مسلمه عقيدن سان متمسڪ رهڻ جي دعوت ڏني.

 هن مجلس کي پاڪستان مان آيل حجت الاسلام علامه سيد شھنشاہ حسين نقوي (دام عزہ) به خطاب ڪيو.

 (مجلس ۾ پڙهيل پورو بيان)

بِسْمِ اللهِ الرَّحْمنِ الرَّحِيمِ

الحمد لله ربّ العالمين، والصّلاة والسّلام على محمّد وآله الميامين، واللعنة على اعدائھم  أَجمعين..

 حاضرين مجلس

 السَّلاَمُ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَةُ اللهِ وَبَرَكَاتُهُ

 سڀ کان پهريان مرجع عالي قدر حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جا سلام، دعائون ۽ محبتون پيش ڪريان ٿو. 

 لکنؤ جي سرزمين جيڪا ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي، فقهاء، علماء،خطباء، ذاڪرن،مرثيہ خوانن، نوحا خوانن، ماتمدارن، ۽ حوزات علميه ان سرزمين تي اهڙي وڏي پيماني تي مجلس عزاء جو اھتمام ۽ وڏي تعداد ۾ عقيدتمندن جي شرڪت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته شيعه چاهي ڪٿي به هجن، ڪنهن به حالت ۾ هجن سيد الشهداء (عليهم السلام)  جي عزاداري هن قوم کي پنهنجي جان ۽ مال کان وڌيڪ عزيز ھئي آھي ۽ رھندي ان شاءالله

محترم مومنين

 اسان شيعن جي جيڪا سڃاڻپ ۽ شناخت آهي، جنهن سان اسين سڄي دنيا ۾ سڃاتا ويا آهيون ۽ اها ڳالهه اسان جي پوري قوم لاءِ اعزاز جي به ڳالهه آهي ته اسين توحيد پرست، حضرت محمد (صلي الله عليه وآله وسلم) جا فرمانبردار ۽ ٻارهن امامن جي امامت، خلافت، قيادت، ولايت ۽ فرمانبرداري انهن جي خوشيءَ ۾ پنھنجي  خوشي ۽ انهن جي غم ۾ پنھنجو غم سمجھڻ واري قوم آھي.

 قرآن پاڪ جو احترام ۽ امام حسين عليه السلام جي عزاداري اسان کي اسان جي جان ۽ مال کان وڌيڪ عزيز آهي، ۽ امن پسند، امن کي پکيڙڻ واري انسانيت سان اسان جو تعلق آھي  ۽ ظلم ۽ ظالمن کان نفرت ۽ بيزاري اسان جي قوم جي سيرت آهي.

اسان ڪربلائي سماج جا ماڻھو مظلومن سان ھمدردي ۽ انھن جي حمايت ڪرڻ کي پنھنجو شرعي، اخلاقي ۽ سماجي ذميواري سان گڏو گڏ پنھنجي لاءِ باعث عزت سمجھندا آھيون.

اسان جي ھن غيور قوم جا افراد چاھي ڪٿي به ڪھڙي به جڳھ زندگي بسر ڪن، وطن سان محبت ۽ ان سان وفاداريءَ کي پنهنجي ايمان جو حصو سمجهندا آهن، ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي موجوده ۽ ايندڙ نسل پنهنجي مسلمه عقيدي تي ثابت قدميءَ سان متمسڪ رهي.

اڄ اسان جنهن دور ۾ رهون ٿا اهو ترقي يافته دور سمجهيو وڃي ٿو جتي ميڊيا ۽ خاص ڪري سوشل ميڊيا سماجن تي اثرانداز ٿي رهي آهي، ان ڪري اسان جي نوجوان ڀائرن ۽ ڀينرن کي هاڻوڪي ترقيءَ کي پنهنجي ۽ پنهنجي قوم جي ترقيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي ان کان دامن بچائڻ بجاءِ ان جو مثبت استعمال ڪيو وڃي. ۽ سوشل ميڊيا ذريعي اسان جي نوجوان ڀائرن ۽ ڀينرن کي اسان جي مسلمه عقيدن، اسان جي سڃاڻپ ۽ اسان جي ثقافت، پنهنجي قوم جي تهذيب ۽ تمدن کان دور رکڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن اسان کي ان جي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ۽ پردي جي پويان سازشي ڪردارن کان به واقف آهيون اسان جي قوم جا افراد  خاص ڪري اسان جي نوجوانن کي گهرجي ته هو علم ۽ عمل سان پاڻ کي مسلحّ ڪن ۽ ان جي خلاف جوان مرديءَ سان مقابلو ڪن ۽ پاڻ کي مرجعيت، حوزات علميه ۽ محترم عالمن سان پاڻ کي وابسته رکن.

 مرجعيت پنهنجي پوري شيعه قوم کي پنهنجو اولاد سمجهندي آهي، جهڙي طرح هڪ پيءُ کي پنهنجي اولاد جو فڪر هوندو آهي، اهڙي طرح مرجعيت پنهنجي پوري قوم لاءِ فڪرمند هوندي آهي ۽ هر ممڪن وسيلن سان بهتر مستقبل لاءِ ڪوششون ڪندي آهي.

 الله تعالى برصغير جي شيعن کي هڪ خاص اعزاز سان نوازيو آهي، اهو اِهو آهي ته هتي شيعت، ولايت، اطاعت محمد و آل محمد (عليهم السلام)  ۽ سندن دشمنن کان بيزاري جو بهترين مثال قائم ڪيو تنهن ڪري ضروري آهي ته اسان جي ايندڙ نسل ان سنت حسنه تي باقي رهي .

 آخر ۾ رب پاڪ کان دعا آهي ته هو خطيب اڪبر ۽ خطيب العرفان نور الله (مرقدهما) جا درجات بلند فرمائي ۽ هن لکنؤ جي جواني وري زليخا جي جوانيءَ وانگر موٽي اچي جتان حوزات علميه، ۽ ديني مدرسن مان  فقيه ۽ مجتهد نڪرندا هئا. ۽ پوري دنيا جي شيعت جي خدمت ڪندا هئا

محترم علماء ۽ خاص ڪري ديني مدرسن جي زميوارن جي توفيقات لاءِ دعاگو آهيون ته هو ڪوشش ڪن ته  پراڻو دور موٽي اچي.

 خطيب اڪبر جي اولاد ۽ توهان تمام مومنن جي خدمت ۾ تعزيت و تسليت پيش ڪريون ٿا.

 والسلام  عليکم ورحمة الله وبرڪاته