حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جي مرڪزي دفتر نجف اشرف پاران لبنان ۾ پنهنجي عزيزن تي اڱاري ڏينهن ٿيندڙ خوني حملي بابت رسمي بيان جو ترجمو 18/9/2024 |
تاريخ: 14 ربيع الاول 1446 ھ، بمطابق: 18/9/2024 بسم الله الرحمن الرحيم (اسْتَعِينُوا بِاللهِ وَاصْبِرُوا إِنَّ الْأَرْضَ للهِ يُورِثُهَا
مَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ وَالْعَاقِبَةُ لِلْـمُتَّقِينَ) الله پاڪ جو حڪم آهي: "الله کان مدد وٺو ۽ صبر ڪريو، بيشڪ زمين الله جي آهي، جنهن کي
چاهي ٿو پنهنجي ٻانهن مان وارث بڻائي ٿو، ۽ ڀلي پڄاڻي پرھيزگارن لاءِ آهي." هڪ ڀيرو ٻيهر، غاصب ٽولي اڱاري جي ڏينهن تي لبنان ۾ اسان جي عزيز ماڻهن
تي سخت خوني حملي ذريعي غداري ۽ ڌوڪي جو زهر اڳريو آهي. هي حملو مجاهد مؤمنن ۽ عام
شهرين جي هڪ وڏي ٽولي تي ڪيو ويو. انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي تہ ھي ظلم ۽ ڏاڍ، جيڪا سڀني انساني
قدرن، شريعتن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ان تي مغربي ملڪ، جيڪي غاصب ٽولي جا حمايتي
آهن ۽ انسانيت جا پڻ دعويدار آھن تن ڪوبہ ردعمل ظاهر نہ ڪيو آھي . ۽ هي هڪ واضح
جرم آهي، جيڪو انسانيت خلاف آهي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ ان جو اظهار ائين ڪري سگهجي ٿو تہ هي
عمل اخلاقي اقدار کان مڪمل طور پري آهي. ان موقعي تي اسين امام زمانه (عج)، شهيدن جي وارثن ۽ زخمين جي خدمت ۾
تعزيت ۽ تسليت پيش ڪريون ٿا ۽ الله جي بارگاه ۾ دعاگو آهيون تہ الله سائین اسان جي
شهيدن جي مغفرت فرمائي، زخمين کي جلد صحتيابي ڏي ۽ سڀني مؤمن مجاهدن کي فتح ۽ ڪاميابي
عطا فرمائي. (وَمَنْ يَتَوَلَّ اللهَ وَرَسُولَهُ وَالَّذِينَ آَمَنُوا فَإِنَّ
حِزْبَ اللهِ هُمُ الْغَالِبُونَ) "۽ جيڪو الله، سندس رسول ۽ مؤمنن کي پنهنجو سرپرست بڻائي ٿو تہ
بيشڪ الله جو ٽولو ئي غالب آھي."
صَدَقَ اللّهُ الْعَلِيُّ الْعَظِيمُ |