حجۃالاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) جي نگراني هيٺ 10/10/2024 |
مرجع
مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله
الوارف) جي عراق ۾ وڪيلن ۽ معتمدن جي ڏهين ڪانفرنس جنھن جو حرم امير المومنين عليه
السلام صحن حضرت فاطمه عليها السلام ۾ انعقاد ٿيو. • ڪانفرنس ۾ شهيد نصر الله (قدس سره)، ۽ ان جي
مقام ۽ ڪردار کي ساراهيو ويو. • شهيد نصر الله (قدس سره) هڪ دلير اڳواڻ ۽ قوم
جي مسئلن جا پختا محافظ هئا. • شهيد نصر الله (قدس سره) جو ڪردار شيعه
ڪميونٽيز کي نشانو بڻائيندڙ ثقافتي ۽ فوجي چيلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۾ نمايان آهي. • اسلامي مزاحمت، جنهن جي نمائندگي حزب الله ڪري
ٿي، غزه جي حمايت ۾ جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ٿي، ڪانفرنس ۾ مزاحمتي شهيدن جي
قربانين کي ساراهيو ويو. • اهل بيت عليهم السلام جا شيعا ھميشه ملت
اسلاميه جي مسئلن جي دفاع لاءِ صف اول ۾ بيٺل آهن. • ورهين کان عالمي برادري مغرب کي انسانيت ۽ حقن
جي محافظ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ۽ جڏهن اسلامي قوم جي مسئلن بابت
ڳالھايو وڃي ٿو تہ مغربي ملڪن جي ٻٽي معيار، خاص طور تي فلسطيني ۽ لبناني عوام
خلاف جاري اسرائيلي جارحيت تي مغرب جي حمايت جي مذمت ڪريون ٿا • علما ۽ مذهبي ادارن کي اسلامي اقدار ۽ اصولن تي
قائم رهڻ جي ڪاربند رھڻ تي زور ڏنو ويو. • اهو اسان جو فرض آهي ته مومنن سان مستقل رابطو
رکون ۽ انهن ۾ ايمان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪريون. • بين الاقوامي انساني حقن جي متعصب ادارن تي تنقيد،
جيڪي اسرائيل جي هٿان ٿيندڙ قتل ۽ نسل ڪشيءَ جا ڪارا جرم ڏسي خاموش بيٺل آهن. • لبنان ۾ جنگ شام ۽ عراق جهڙن ٻين ملڪن تائين
پکڙجي سگهي ٿي، تنهن ڪري انهن چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين تي زور ڏنو ويو. • مسلمانن جي وچ ۾ صفن جي اتحاد ۽ يڪجهتي کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو ويو، خاص ڪري موجوده بحرانن دوران جيڪي اسلامي سماجن جي استحڪام کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. • مرڪزي دفتر، بي گهر لبناني ماڻهن کي خوراڪ،
ڪپڙا ۽ لاجسٽڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي آهي. مان پنهنجي ڀائرن کي دعوت
ڏيان ٿو ته جيڪو ڪجهه ڪري سگهن ان ۾ حصو وجهڻ جي ڪوشش ڪن.
• موجوده حالات کي نظر ۾ رکندي اتحاد ۽ اسلامي قدرن سان وابستگي جي اهميت تي زور ڏنو ويو ۽ گڏيل چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلامي سماجن جي وچ ۾ يڪجهتي ۽ تعاون وڌائڻ تي تاڪيد ڪئي وئي. |