لبنان مان آيل علماء ڪرام جي وفد جي مرجع عالي قدر (دام ظلّه الوارف) سان ملاقات 19/10/2024 |
مرجعِ
مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلّه
الوارف) پنهنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ حجت الاسلام والمسلمين علامه شيخ علي بحسون (دام
عزّه) (لبنان ۽ شام ۾ مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جا وڪيل) جي اڳواڻي ۾ لبنان
کان آيل علماء ڪرام جي وفد جو خير مقدم ڪيو. مرجع
عالي قدر (دام ظلّه الوارف) لبنان ۾ صهيوني جارحيت کانپوءِ اتي پيدا ٿيل انسانيت ۽
سلامتي جي صورتحال تي وفد جي ڳالھين کي ٻڌو. وفد،
مرجعيت جي ان اهم ڪردار کي ساراهيو جيڪو مسلمانن جي حساس مسئلن جي نگراني ڪري ٿو ۽
لبنان جي استحڪام جي حمايت ۽ لبناني عوام جي ڀلائي لاءِ نمايان ڪوششون ڪري رهيو
آهي. ملاقات
دوران، مرجع عالي قدر (دام ظلّه الوارف) اسلامي امت ۾ صف ۽ ڪلمي ۾ هڪٻئي سان گڏ بيهڻ جي اهميت تي زور ڏنو، ته
جيئن صهيوني سازشن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي سگهجي. انهن خطي جي استحڪام کي
ٽوڙڻ واري رٿائن خلاف اتحاد ۽ بيداريءَ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات جي آخر ۾، مرجع عالي قدر (دام ظلّه الوارف) الله تعالى کان دعا گهري ته هو مسلمانن کي صهيوني ظلم ۽ ڏوهن کان محفوظ رکي، ۽ انهن جي خلاف استقامت جي توفيق عطا فرمائي. انهن دعا ڪئي ته الله انهن ڏوهاري گروهن کي تباهه ڪري، ۽ لبنان ۾ امن ۽ سلامتي بحال فرمائي. |