ڪشمير (پاڪستان) جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس وفد جي مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) سان ملاقات 10/11/2024 |
مرجع عالي
قدر آيت الله العظمي حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) سان، ڪشمير (پاڪستان)
جي اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق احمد خان پنهنجي وفد سان گڏ مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾
ملاقات ڪئي. هن
ملاقات ۾ مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) نجف اشرف جي عظمت، ان جي علمي ۽ روحاني
حيثيت، ۽ ان مقدس شهر جي مقام ۽ مرتبي تي روشني وڌي. پاڻ
فرمايائون ته نجف اشرف هڪ بابرڪت جاءِ آهي جتي امير المومنين حضرت علي عليہ السلام
جو روضه مبارڪ واقع آهي. امير المومنين حضرت علي عليہ السلام جي ذات مبارڪ امت
مسلمه ۾ اتحاد ۽ ڀائچاري جي هڪ عظيم علامت
آهي. مرجع عالي
قدر (دام ظلہ الوارف) واضح ڪيو ته اهل بيت عليهم السلام جي محبت ۽ انهن جي قدم تي
هلڻ ئي انسانيت جي نجات جو واحد ذريعو آهي.
سردار عتيق احمد خان مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي صحت بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ان جي صحت، سلامتي ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ دعا ڪئي. هن مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي عظيم خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ان جي وجود کي امت مسلمه لاءِ، خاص طور تي برصغير پاڪستان و ھندستان جي مسلمانن لاءِ، بابرڪت قرار ڏنو. ملاقات جي آخر ۾ هن مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جو قيمتي وقت ڏيڻ ۽ ان جي قيمتي نصيحتن لاءِ شڪريو ادا ڪيو. |