حشد شعبي جي وفد جي حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) سان ملاقات 8/12/2024 |
مرجع
مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله
الوارف) جي فرزند، مرڪزي دفتر جي مدير ۽ انوار نجفيه فاؤنڊيشن جي سربراهه حجت
الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ ) پنهنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ حشد شعبي جي وفد جو
استقبال ڪيو. شيخ علي
نجفي (دام عزہ) مجاهدن سان خطاب ڪندي عراق جي فتح مبين تائين دهشتگردن خلاف سندن
جان نثاري ۽ قربانين کي ساراهيو. اُن کان علاوه، عراق جي خودمختياري ۽ ان جي پاڪ
سرزمين کي نقصان پهچائڻ جي نيت رکندڙ دشمنن خلاف خبردار ۽ محتاط رهڻ جي ضرورت تي پڻ
زور ڏنو. پاڻ بيان
ڪيو ته عراق جو دفاع، ملڪ، مذهب، مقدسات ۽ ھن عظيم ملڪ جي ماڻهن جو دفاع آهي.
شيخ علي نجفي (دام عزہ) مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) جون دعائون ۽ سلام پڻ مجاهدن تائين پهچايا ۽ دعا ڪئي ته اللہ پاڪ عراق کي هر برائي کان محفوظ رکي. |