ايران کان زائرين جي مختلف وفدن جي مرڪزي دفتر آمد
30/4/2024
اسان جو پنهنجي وقت جي امام سان تعلق دائمي هجڻ کپي .
اسان جي عورتن کي گهرجي ته هو حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي سيرت، فضائل ۽ مناقب مان فائدو وٺن ۽ ان کي شايع به ڪن.
مرجع مسلمين و جهان تشيع آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي فرزند، انوار نجفيه فائونڊيشن جي سربراهه ۽ مرڪزي دفتر جي مدير حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزه) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي مختلف وفدن جو استقبال ڪيو، جن ۾ مشهد مقدس مان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪندڙ شاگرد، قرآني يونيورسٽن جون شاگردياڻيون ۽ عام طور تي زائر به شامل هئا.
حجت الاسلام شيخ علي نجفي دام عزه پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته اسان جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان جو پنهنجي وقت جي امام سان رابطو مستقل هجي ۽ اسان کي هميشه ان (عج) ۽ خدا جي رضا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي بارگاه خداوندي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن جي وڌيڪ ترقيءَ لاءِ دعا ڪندي سندن والدين ۽ استادن کي ساراهيو ڇو ته شاگردن جي ڪاميابي ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار تمام اهم هوندو آهي
. ان کان علاوه قرآني يونورسٽي جي شاگردياڻين کي خطاب ڪندي فرمايو ته عورتن کي گهرجي ته هو حضرت فاطمه زهرا (سلام الله عليها) جي سوانح حيات فضائل ۽ مناقب مان فائدو وٺن ۽ ان کي شايع به ڪن.
وڌيڪ انهن فرمايو ته زيارت جي قبول ٿيڻ جي هڪ اها علامت آهي ته زيارت کان پوءِ هر مومن ۾ مثبت تبديلي اچي.
ٻئي طرف آيل مهمانن مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف )جي صحت ۽ سلامي ۽ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي حسن استقبال تي شڪريو ادا ڪيو.