پاڻي ۽ ريگستان جي مسئلن جي ماهرن تي مشتمل يونيورسٽي جي پروفيسرن جو وفد مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جي خدمت ۾
11/7/2024
مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) مرڪزي دفتر نجف اشرف عراق ۾ روضه امام حسين عليه السلام جي وفد سان گڏ پاڻي ۽ ريگستان جي مسئلن جي ماهرن تي مشتمل يونيورسٽي جي پروفيسرن جي ھڪ وفد جو استقبال ڪيو.
ملاقات جي دوران سندن پاڻيءَ جي اهميت ۽ ان جو ماڻهن جي زندگين تي پوندڙ اثرن تي زور ڏنو ۽ فرمايو ته حڪومت، يونيورسٽين ۽ ادارن لاءِ ايندڙ مرحلي ۽ سنگين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري.
ان ملاقات ۾ وڌيڪ فرمايو ته ترڪي پاران پاڻيءَ جي بندش انسانيت جي خلاف ورزي آهي ۽ هو ان معاملي ۾ پيش رفت کي ويجهي کان ڏسي رهيا آهن.
سائين جن عراق ۾ پاڻي جي صورتحال بابت وفد پاران پيش ڪيل ويزن کي ٻڌو.