حجت الاسلام شيخ علي نجفي دام عزہ جي ”حوزه ۽ يونيورسٽي“ ڪانفرنس ۾ شرڪت
8/7/2024
مرجع المسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مدير حجة الاسلام شيخ علي نجفي دام عزہ نجف اشرف ۾ منعقد ”حوزه ۽ يونيورسٽي“ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرڪزي دفتر جو بيان پڙھيو.
هن پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته
• حوزه ۽ يونيورسٽي عراق ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ هڪ باوقار زندگي جي ڪرنگھي جي ھڏي جيان حيثيت رکي ٿي.
جھڙيءَ ريت ھي حوزو عراقي يونيورسٽين سان گڏ ڪم پيو ڪري اھڙيءَ طرح ھي دنيا جي مضافات ۾ انحراف کان بچڻ جي لاءِ سٺي يونيورسٽين سان تعاون ڪري رھيو آھي.
• حوزه جا علمبردار يونيورسٽي جي فارغ التحصيل شاگردن کان بي نياز ناھن ۽ يونيورسٽيون به زندگيءَ جي هر مرحلي ۾ سڀني ڪارڪنن ۽ علمبردارن سان گڏ حوزه کان مدد ۽ رهنمائي حاصل ڪنديون آهن.
• خدا اسان کي حوزه علميه جي نعمت سان نوازيو آهي ۽ ان کي نجف اشرف ۾ استقامت عطا فرمائي آهي، اهڙي طرح اسان کي ڦھليل يونيورسٽين سان به نوازيو آھي ۽ اهي ٻئي نعمتون مؤمنن جي عزت ۽ احترام جو بنيادي عنصر آھي.
• اها بدقسمتي آھي ته ڪجهه پروفيسر به سرڪاري طور تي الحاد ۽ انحرافي خيالن کي ڦهلائڻ ۾ هڪ اهڙي وقت ۾ حصو وٺندا آهن جڏهن پروفيسرن کي استاد، ليڊر ۽ استاد سمجھيو ٿيو وڃي.
• يونيورسٽين جي ليڊرن کي گهرجي ته هو يونيورسٽين ۾ اخلاقي بدعنواني پکيڙڻ کان پاسو ڪرائن ۽ ڪوشش ڪن ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي مذهب تي عمل ڪرڻ ۽ شيطاني حربن کان پاسو ڪرائن.