حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جي مرڪزي دفتر نجف اشرف پاران لبنان ۾ پنهنجي عزيزن تي اڱاري ڏينهن ٿيندڙ خوني حملي بابت رسمي بيان جو ترجمو

حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جي مرڪزي دفتر نجف اشرف پاران لبنان ۾ پنهنجي عزيزن تي اڱاري ڏينهن ٿيندڙ خوني حملي بابت رسمي بيان جو ترجمو



18/9/2024


تاريخ: 14 ربيع الاول 1446 ھ، بمطابق: 18/9/2024

بسم الله الرحمن الرحيم

(اسْتَعِينُوا بِاللهِ وَاصْبِرُوا إِنَّ الْأَرْضَ للهِ يُورِثُهَا مَنْ يَشَاءُ مِنْ ‏عِبَادِهِ وَالْعَاقِبَةُ لِلْـمُتَّقِينَ)

الله پاڪ جو حڪم آهي:

"الله کان مدد وٺو ۽ صبر ڪريو، بيشڪ زمين الله جي آهي، جنهن کي چاهي ٿو پنهنجي ٻانهن مان وارث بڻائي ٿو، ۽ ڀلي پڄاڻي پرھيزگارن لاءِ آهي."

هڪ ڀيرو ٻيهر، غاصب ٽولي اڱاري جي ڏينهن تي لبنان ۾ اسان جي عزيز ماڻهن تي سخت خوني حملي ذريعي غداري ۽ ڌوڪي جو زهر اڳريو آهي. هي حملو مجاهد مؤمنن ۽ عام شهرين جي هڪ وڏي ٽولي تي ڪيو ويو.

انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي تہ ھي ظلم ۽ ڏاڍ، جيڪا سڀني انساني قدرن، شريعتن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ان تي مغربي ملڪ، جيڪي غاصب ٽولي جا حمايتي آهن ۽ انسانيت جا پڻ دعويدار آھن تن ڪوبہ ردعمل ظاهر نہ ڪيو آھي . ۽ هي هڪ واضح جرم آهي، جيڪو انسانيت خلاف آهي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ ان جو اظهار ائين ڪري سگهجي ٿو تہ هي عمل اخلاقي اقدار کان مڪمل طور پري آهي.

ان موقعي تي اسين امام زمانه (عج)، شهيدن جي وارثن ۽ زخمين جي خدمت ۾ تعزيت ۽ تسليت پيش ڪريون ٿا ۽ الله جي بارگاه ۾ دعاگو آهيون تہ الله سائین اسان جي شهيدن جي مغفرت فرمائي، زخمين کي جلد صحتيابي ڏي ۽ سڀني مؤمن مجاهدن کي فتح ۽ ڪاميابي عطا فرمائي.

‏(وَمَنْ يَتَوَلَّ اللهَ وَرَسُولَهُ وَالَّذِينَ آَمَنُوا فَإِنَّ حِزْبَ اللهِ هُمُ الْغَالِبُونَ)

"۽ جيڪو الله، سندس رسول ۽ مؤمنن کي پنهنجو سرپرست بڻائي ٿو تہ بيشڪ الله جو ٽولو ئي غالب آھي."

صَدَقَ اللّهُ الْعَلِيُّ الْعَظِيمُ




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو