لبنان مان آيل علماء ڪرام جي وفد جي مرجع عالي قدر (دام ظلّه الوارف) سان ملاقات

لبنان مان آيل علماء ڪرام جي وفد جي مرجع عالي قدر (دام ظلّه الوارف) سان ملاقات



19/10/2024


مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلّه الوارف) پنهنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ حجت الاسلام والمسلمين علامه شيخ علي بحسون (دام عزّه) (لبنان ۽ شام ۾ مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جا وڪيل) جي اڳواڻي ۾ لبنان کان آيل علماء ڪرام جي وفد جو خير مقدم ڪيو.

مرجع عالي قدر (دام ظلّه الوارف) لبنان ۾ صهيوني جارحيت کانپوءِ اتي پيدا ٿيل انسانيت ۽ سلامتي جي صورتحال تي وفد جي ڳالھين کي ٻڌو.

وفد، مرجعيت جي ان اهم ڪردار کي ساراهيو جيڪو مسلمانن جي حساس مسئلن جي نگراني ڪري ٿو ۽ لبنان جي استحڪام جي حمايت ۽ لبناني عوام جي ڀلائي لاءِ نمايان ڪوششون ڪري رهيو آهي.

ملاقات دوران، مرجع عالي قدر (دام ظلّه الوارف) اسلامي امت ۾ صف ۽ ڪلمي   ۾ هڪٻئي سان گڏ بيهڻ جي اهميت تي زور ڏنو، ته جيئن صهيوني سازشن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي سگهجي. انهن خطي جي استحڪام کي ٽوڙڻ واري رٿائن خلاف اتحاد ۽ بيداريءَ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.

 ملاقات جي آخر ۾، مرجع عالي قدر (دام ظلّه الوارف) الله تعالى کان دعا گهري ته هو مسلمانن کي صهيوني ظلم ۽ ڏوهن کان محفوظ رکي، ۽ انهن جي خلاف استقامت جي توفيق عطا فرمائي. انهن دعا ڪئي ته الله انهن ڏوهاري گروهن کي تباهه ڪري، ۽ لبنان ۾ امن ۽ سلامتي بحال فرمائي.




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو