حضرت امير المؤمنين عليہ السلام جي ولايت هڪ وڏي نعمت آهي عراق کي دهشتگرد تنظيمون کان آزاد ڪرائڻ جو وڏو سبب شهيدن جون قربانيون هيون، ۽ انهن جي پاڪ خون کانسواءِ فتح ممڪن نه هئي

حضرت امير المؤمنين عليہ السلام جي ولايت هڪ وڏي نعمت آهي عراق کي دهشتگرد تنظيمون کان آزاد ڪرائڻ جو وڏو سبب شهيدن جون قربانيون هيون، ۽ انهن جي پاڪ خون کانسواءِ فتح ممڪن نه هئي



13/11/2024


مرجع مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) نجف اشرف جي مرڪزي دفتر ۾ حشد شعبي جي هڪ وفد جو خيرمقدم ڪيو ۽ خطاب ڪندي فرمايو:

- حشد الشعبي ۾ شامل مجاهدن جو اهم ڪردار آهي، جيڪي اسلامي امت ۽ حقيقي اسلامي دين محمدي ۽ عراق جي دفاع ، ۽ مقدس زيارتن جي حفاظت ۾ پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

- حشد شعبي، انهن عظيم اقدار جي حفاظت لاءِ شهيدن ۽ زخمين جي صورت ۾ بهادرن جي فوج قربان ڪئي.

- شهيدن، زخمين ۽ انهن خاندانن جي سار سنڀال ۽ سندن مادي ۽ اخلاقي ضرورتن جي پورائيءَ تي پڻ زور ڏنو.

- اهل بيت عليهم السلام اسان کي نصيحت ڪئي آهي ته، اسان پنهنجون غلطيون سڌارڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ سڌاري لاءِ پاڻ کي جوابده بڻايون، سٺن ڪمن کي فروغ ڏيون ۽ هميشه بهترين جي تلاش ۾ رهون.

- حضرت امير المؤمنين عليہ السلام جي ولايت ۽ محبت تي پنهنجي اولاد جي پرورش ۾ سندن ڪردار کي مڃڻ ۾ والدين، خصوصاً ماءُ سان ڀلائي ڪريو. اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته حضرت امير المؤمنين عليہ السلام جي ولايت هڪ عظيم نعمت آهي.





ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو